سنڌ جون خبرونصحتقومي خبرون

جروار ۽ ڀرپاسي جر خراب ٿي ويو، هيپاٽائيٽس ڦهلجي وئي، 3 ڏينهن دوران 3 ڄڻا فوت

جروار جروار ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ جر جو پاڻي زھريلو ٿي ويو، خراب پاڻي واپرائڻ سبب هيپاٽائيٽس بي ۽ سي جو مرض پکڙجي ويو، ٽن ڏينھن دوران هيپاٽائيٽس سي وگھي 3 ڄڻا فوت، ڪيترائي مرض ۾ مبتلا، خبر موجب جروار ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ھيپاٽائيٽس جو مرض وڌي ويو آهي، هر ٻئي گھر ۾ ھيپاٽائيٽس جو مريض آھي، ان ڏس ۾ جروار ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ ٽن ڏينھن اندر ٽي ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، جن ۾ يو سي وائيس چيئرمين جھان ڪولاچي، پوليس اھلڪار پيربخش گبول ۽ نوجوان ماجد سومرو شامل آهن، ھيپاٽائيٽس وڌي وڃڻ بابت ڊاڪٽرجيوڻ رام جو چوڻ آھي ته جروار ۽ ڀرپاسي  ڳوٺن جي جر جو پاڻي زھريلو ٿي ويو آھي، علائقي واسي اھو زھريلو پاڻي واپرائڻ  ٿا، جنھن  ڪري اھڙيون بيماريون پيدا ٿين ٿيون، هن چيو ته ھتي تقريبن هيپاٽائيٽس بي ۽ سي جا مريض گھڻا آھن، ھوڏانھن علائقي واسين سڪندر بوزدار، ڪيلاش راءِ، ياسين بوزدار، دلدار چنو ۽ ٻن جو چوڻ ھو ته فيڪٽرين جو زھريلو پاڻي جر ۾ وڃي ٿو، جنهن ڪري جر جو پاڻي زھريلو ٿي ويو آھي، جروار، ڳڙھي چاڪر ۽ ٻن ڳوٺن ۾ آر او پلانٽ ھلن نٿا، آر او پلانٽ لڳائڻ تي لکين روپيا خرچ ڪيو ويو پر انهن کي ھلائڻ وارو ڪير به نه آھي، ھنن مطالبو ڪيو ته شھر توڙي ڳوٺن ۾ لڳل آر او پلانٽ ھليا وڃن.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button