سنڌ جون خبرونقومي خبرون
ڪنڊياري ۾ قتل جي جوابدار کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا

ڪنڊيارو ڪنڊيارو جي ايڊيشنل سيشن جج علم الدين جانوري جي عدالت خون جي ڪيس ۾ جوابدار کي عمر قيد ۽ ٻه لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، عدالت خون جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڳوٺ ڪبير گهانگهرو واسي تعليم کاتي ۾ چوڪيدار طور ڪم ڪندڙ قمر الزمان گهانگهرو کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي، ياد رهي ته پنج سال سال اڳ ڳوٺ ڪبير گهانگهرو ۾ جوابدار نوجوان عمران گهانگهرو کي قتل ڪيو هو، قتل بعد مقتول نوجوان جي والد ممتاز گهانگهرو جي فرياد تي ڪنڊيارو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو، عدالت خون جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي عمر قيد ۽ ٻه لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي، ڏنڊ نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدار 6 مهينا وڌيڪ قيد ڪاٽيندو.