حيدرآباد ۾ 15 کان وڌيڪ پمپنگ اسٽيشنز جا جنريٽر خراب: واسا جي تيارين جا پول پڌرا

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ ٿيل برسات واسا جي برسات بابت تيارين ۽ انتظامن کي وائکو ڪري ڇڏيو، 15 کان وڌيڪ پمپنگ اسٽيشنز جا جنريٽر خراب هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ان سلسلي ۾ ڄاڻ موجب حيدرآباد ۾ ٿيل برسات واسا جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن، واسا جا 15 کان وڌيڪ پمپنگ اسٽيشنز جا جنريٽر خراب هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، تلسي داس، ايل ڊي ٽو، مير خان لطيف آباد ۽ برڪت ڀائي سميت 15 پمپنگ اسٽيشنز جا جنريٽر خراب هئڻ سبب پمپنگ اسٽيشنز بند پيل آهن، جنهن سبب شهر مان پاڻي جو نيڪال نه ٿي سگهيو آهي. ڊي سي حيدرآباد برسات دوران پمپنگ اسٽيشنز جي دوري تي نڪتو ته پمپنگ اسٽيشنز جي بند هئڻ بابت پڇاڻو ڪيو ته کيس ٻڌايو ويو ته جنريٽر خراب آهن، اهڙي ڄاڻ ملڻ تي ڊي سي واسا ملازمن کي سخت ڇنڊ پٽي ۽ تلسي داس پمپنگ اسٽيشن تي هڪ ڪرائي جو جنريٽر گهرائي پاڻي جو نيڪال شروع ڪرايو. واضح رهي ته تلسي داس پمپنگ اسٽيشنز تي ٽي جنريٽر لڳل آهن ۽ ٽئي خراب هئڻ سبب پمپنگ اسٽيشن بند پيل هئي.