شڪارپور: پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ فائرنگ، شهري گولي لڳڻ سبب زخمي

شڪارپور – شڪارپور جي علائقي سڪ پل ويجهو پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ سخت فائرنگ جو ڏيک ڏسڻ ۾ آيو، جنهن دوران بيگناهه شهري وسيم منگي ڏوهارين جي گولي جو نشانو بڻجي زخمي ٿي پيو.
عيني شاهدن موجب، ڏوهاري هٿيارن سان ليس ٿي علائقي ۾ ڏهڪاءُ جو ماحول پيدا ڪيو، جڏهن ته پوليس فوري طور تي بهادريءَ سان جواب ڏيندي فائرنگ شروع ڪئي. هن مقابلي ۾ ڏوهاري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ته ٿي ويا، پر پوليس جي بروقت ڪارروائيءَ سبب وڏو جاني نقصان ٿيڻ کان بچي ويو.
شهري وسيم منگي کي گولي لڳڻ بعد فوري طور سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي.
علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ڏوهارين جي آزاديءَ سان گهمڻ سبب شهري سخت پريشان آهن، پر پوليس جي بروقت ۽ بهادراڻو ردعمل قابل تعريف آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ڏوهارين جي مڪمل سرڪوبي لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪيو وڃي ته جيئن شهري ساهه کڻي سگهن.