قمبر شھدادڪوٽ گاجي کھاوڙ، گاجي لڳ يوسي مير پور جي ڳوٺ ميرپور ساکياڻيء ۾ ڊي ايڇ او آفيس

قمبر شھدادڪوٽ گاجي کھاوڙ، گاجي لڳ يوسي مير پور جي ڳوٺ ميرپور ساکياڻيء ۾ ڊي ايڇ او آفيس قمبر شھدادڪوٽ طرفان برج ڪنسلٽنٽ، سي ڊي سي، ممتا پروگرا،، ايڇ آء وي ڪنٽرول پاران ھڪ فري ميڱا جنرل ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي جنھن ۾ مختلف بيمارين جي ماھر ڊاڪٽرن جي ٽيم سوين مردن عورتن ۽ ٻارن کي چڪاسي کين مفت دوائون فراھم ڪيون ويون ان موقعي تي ڊي ايڇ او قمبر شھدادڪوٽ ڊاڪٽر ڱلزار علي تنيو ۽ اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر سيد حبيب شاھ بخاري چيو ته صحت کاتو قمبر شھدادڪوٽ سموري ضلعي اندر غريب مسڪين بي پھچ مريضن کي صحت جون سھولتون بھتر نموني ميسر ڪيون وڃن ٿيون ضلعي جي سمورين سرڪاري اسپتالن ۾ ايندڙ مريضن کي دوائون ڏنيون وڃن ٿيون جڏھن ته ضلعي جي ڏورانھن علائقن ۾ صحت کاتي سنڌ جي وزير ڊاڪٽر عزرا پيچوھو جي خاص ھدايتن تي مفت ميڊيڪل ڪيمپون پڻ لڳايون وڃن ٿيون جن ۾ اتان جا سوين ماڻھو مفت دوائون حاصل ڪري ڪيمپ مان فائدو حاصل ڪن ٿا جڏھن ته اسان پنھنجي ضلعي جي غريب مسڪين بي پھچ ماڻھن جي خدمت ڪري پنھنجو فرض ايمانداري سان ادا ڪري رھيا آھيون،