درياهه ۾ چاڙهه: سيوهڻ ۾ ٻوڏ اچي وئي، 30 کان وڌيڪ ڳوٺن ۾پاڻي داخل، زميني رابطو ڪاٽا

سيوهڻ سيوهڻ تعلقي جي ڪچي ۾ درياءَ ۾ چاڙهه سبب 30 ڳوٺن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو، ڄاڻايل ڳوٺن جو زميني رابطو ڪٽجي ويو، علائقي ۾ ننڍي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي آهي. ان ڏس ۾ سيوهڻ تعلقي جي ڪچي ۾ سنڌو درياءَ ۾ چاڙهه اچي وئي آهي، تعلقي سيوهڻ جي ٽن يونين ڪائونسلز ٽلٽي، ٻنڀا ۽ چنا جي ڪچي ۾ ننڍي درجي واري ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي آهي، سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ ۾ چاڙهه کانپوء تعلقي سيوهڻ جي ڪچي ۾ ٻوڏ واري صورتحال ٿي وئي آهي، ٽن يوسيز جي 30 کان وڌيڪ ڳوٺن جو ڀان سيدآباد ۽ سيوهڻ شهرن سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي، ڳوٺ بلاولپور، ڳوٺ دريديرو، ڳوٺ جهنڊياڻي، ڳوٺ نئون واهڻ، ماهي اوٺو، ڳوٺ ماهي وارا سهتا، ڳوٺ ڀورل جتوئي ۽ ٻين ڳوٺن کي پاڻيءَ پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي، ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻيڙين ذريعي بندن تي اچي رهيا آهن، ڳوٺاڻن سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته اسين ڳوٺن ۾ ڦاسي پيا آهيون، ٻيڙيون اماڻي پريشاني ختم ڪئي وڃي، هوڏانهن آبپاشي کاتي پاران ايل ايس بند تي ايمرجنسي لاڳو ڪري بندن جي نگراني شروع ڪئي وئي آهي، آبپاشي انتظاميا موجب ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پاڻيءَ جي چاڙهه ۾ واڌ جا امڪان آهن.