دلچسپ ۽ عجيبسنڌ جون خبرون
شڪارپور: پير ترڪڻ سبب ٻه نياڻيون پاڻي ۾ ٻڏي فوت

شڪارپور – رحيم آباد ٿاڻي جي حد ۾ افسوسناڪ حادثو پيش آيو، جتي ڳوٺ نورمحمد ڪلهوڙو لڳ پنھور برادري سان تعلق رکندڙ ٻه ننڍڙيون نياڻيون پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويون.
تفصيل موجب، عائشا ۽ باشا ڌيئر محمد موسا پنھور پير ترڪڻ سبب ويجهي پاڻي جي تلاءَ ۾ ڪري پيون، جنهن جي نتيجي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويون. ٻنهي نياڻين جي اوچتي فوتگي سبب گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ ڳوٺ ۾ سوڳ واري فضا ڇانيل آهي.
علائقي واسين پاران انتظاميا کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته اهڙن حادثن کان بچاءَ لاءِ احتياطي قدم کنيا وڃن