شڪارپور: پوليس جي نااهلي سبب ڦر جو واقعو، نوجوان لُٽجي ويا

شڪارپور
لکيدر ٿاڻي جي حد، جماڻي هال سومرا ڪالوني ڀرسان خوفناڪ واردات پيش آئي، جتي نامعلوم هٿياربند نوجوان گلاب جان بروهي ۽ سندس دوست اويس شاهه کان هٿيارن جي زور تي قيمتي سامان ڦري فرار ٿي ويا.
ذرائع موجب هٿياربندن CD 2024 موٽر سائيڪل، 32 هزار رپيا روڪ رقم، 3 عدد موبائيل فون (جن مان 2 آئي فون ۽ 1 Vivo موبائيل شامل آهي) ۽ اهم قانوني دستاويز ڦري، بي خوفي سان فرار ٿي ويا.
جيتوڻيڪ واقعي جي فوري اطلاع لکيدر ٿاڻي تي ڏني وئي، پر پوليس جي طرفان لاپرواهي، دير ۽ ڪارروائي کان پاسو ڪرڻ تي علائقي واسين ۾ شديد بيچيني پکڙجي وئي آهي. پوليس جي نااهلي ۽ غفلت سبب ڦرن جا واقعا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن، جڏهن ته شهرين جي جان ۽ مال غير محفوظ بڻجي چڪي آهي.
متاثرين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي مڪمل جاچ ڪري ڏوهارين کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ لاپرواهي ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف به قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.