دلچسپ ۽ عجيبسنڌ جون خبرونقومي خبرون

نيشنل پريس ڪلب شڪارپور جي صدر عاشق علي ڪلھوڙو کي نامعلوم نمبر تان واٽسپ تي وائيس ڪري سندس کان 50 لک روپيا بھتو طلب ڪيو ويو آھي

نيشنل پريس ڪلب شڪارپور جي صدر عاشق علي ڪلھوڙو کي نامعلوم نمبر تان واٽسپ تي وائيس ڪري سندس کان 50 لک روپيا بھتو طلب ڪيو ويو آھي . بھتو گھرندڙ ڌاڙيل کيس ھڪ ھفتي اندر 50 لک روپيا ادائگي نه ڪرڻ جي نتيجي م کيس پٽ سميت جاني نقصان پھچائڻ توڙي اغوا ڪرڻ جون پڻ ڌمڪيون ڏنيون آھن . اھڙي صورتحال کان پوء صحافي عاشق علي ڪلھوڙو طرفان اھڙي ماجرا بابت صحافي ساٿين کي پڻ آگاھ ڪيو آھي . جڏھن ته شيخ اياز پريس ڪلب شڪارپور جي صدر منظور بھٽي ۽ مير اسلم مگسي ۽ ٻين اھڙي صورتحال تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاه . آئي . جي . سنڌ . ڊي . آئي . جي . لاڙڪاڻو ۽ ايس . ايس . پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ کان مطالبو ڪيو آھي ته ضلع شڪارپور ۾ وڌندڙ بدامنيء جي ڪري عام ماڻھن سان گڏ ھاڻي صحافي به سندن جي نشاني تي آھن . تنھنڪري صحافين کي تحفظ فراھم ڪيو وڄي .

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button