سيٺارجا ويجھو ايم سي ايڇ سعيد ننگريجہ ۾ ڇھن سالن کان ڪم ڪندڙ ويڪسينيٽرن جي مان ۾ الوداعي تقريب ٿي گذري

سيٺارجا ويجھو ايم سي ايڇ سعيد ننگريجہ ۾ ڇھن سالن کان ڪم ڪندڙ ويڪسينيٽرن جي مان ۾ الوداعي تقريب ٿي گذري
تفصيل موجب: ايم سي ايڇ سعيد ننگريجہ ۾ ڪم ڪندڙ ويڪسينيٽرن جي مان ۾ الوداعي تقريب ڊاڪٽر سميرا حميد سھتو، نيوٽريشن اسسٽنٽ شوڪت علي لنڊ، ايس او آصف علي، ليب ٽيڪنيشن عبدالستار شر، ايمبولينس ڊرائيور محمد اڪرم ڀٽي ۽ پوري اسٽاف پاران ويڪسينيٽر لياقت علي خاصخيلي، ۽ تعلقه سپروائيزر مشتاق احمد ڀٽي جي مان الوداعي تقريب منعقد ڪئي وئي ان موقعي تي اتان جي اسٽاف سنڌ پريس ڪلب سيٺارجا جي صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته جيڪي پي پي ايچ آئي پاران ڪانٽريڪٽ تي رکيل ويڪسينيٽر ھئا انھن جو ڪانٽريڪٽ پورو ٿيڻ تي پي پي ايڇ آء انھن کي فارغ ڪري ڇڏيو جيڪي اتان جي اسٽاف جو وڌيڪ چوڻ ھو ته ھي ملازم پنھنجي دوران نوڪري سچائي سان نڀائي ڇھن سالن ۾ ھنن پنھنجي روزي حق حلال ڪري کاڌو سدائين منھن تي مرڪ رکندڙ ۽ محبتي ماڻھون ھئا جن جي وڃڻ سان اسان کي تمام گھڻو ڏک ٿيو آھي الله ھنن جي روزي رزق ۾ برڪتون عطا فرمائي آخر ۾ موڪلاڻي مھل انھن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ جو تحفو ڏنو ويو ۽ آخر ۾ ريفريش مينٽ جو بندوبست پڻ ڪيو ويو