ڪنڌڪوٽ هيبت روڊ تي نيڪاسي جو پاڻي مدرسي ۾ داخل، بلدياتي نظام درهم برہم

ڪنڌڪوٽ هيبت روڊ تي نيڪاسي جو پاڻي مدرسي ۾ داخل، بلدياتي نظام درهم برہم
ڪنڌڪوٽ هيبت روڊ تي قائم ديني ادارو مدرسه بحرالعلوم حماديه شديد تڪليفن کي منهن ڏئي رهيو آهي، جتي نيڪاسي جو گندو پاڻي روزانو مسجد ۽ مدرسي ۾ داخل ٿي رهيو آهي. مدرسي جي محتمم مولانا نصر ﷲ ڀٽو پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو جو پاڻي ڪڍي رهيو آهي، جڏهن ته لاڳاپيل ادارا خاموش تماشائي بڻيل آهن.
مدرسي جي ڀرسان قائم وڏي تلاءَ سبب نه صرف شاگردن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي پر صحت جا به سنگين خطرا پيدا ٿي ويا آهن. مولانا نصر ﷲ ڀٽو جو چوڻ آهي ته بار بار شڪايت باوجود بلدياتي انتظاميا يا ڊپٽي ڪمشنر ڪنڌڪوٽ طرفان ڪو به نوٽيس نه ورتو ويو.
علائقي واسين جو مطالبو آهي ته گندي پاڻيءَ جي نيڪاسي لاءِ مستقل حل ڪڍيو وڃي، ۽ تلاءَ ختم ڪري مدرسي ۽ مسجد جي حفاظت لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. ٻي صورت ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خدشو آهي.