دلچسپ ۽ عجيبسنڌ جون خبرون

قمبر شھدادڪوٽ وڳڻ ڀرسان ڳوٺ جلال مغيري وٽ گذرندڙ گٺ شاخ ۾ بيرحم ماء عشق ۾ انڌي ٿي وئي ڪيل گناھ لڪائڻ لا۽ ماءۡ  جهڙي عزيم رشتي کي لڄائي ڇڏيو پنهنجي گلن جهڙي معصوم نئي ڄاول ٻار کي گٺ شاخ جي وهندڙ پاڻي ۾ اڇلائي فرار ٿي وئي اهڙي واقعي جو اطلاع وڳڻ ٿاڻي تي ڏنو ويو پر پوليس رسمي طور ڏسي ڪري واپس هلي وئي هوڏانهن جي يو آ۽ اڳواڻ مولوي گل محمد انقلابي ۽ ڳوٺاڻن فوجي عبدالخالق مغيري ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته اسان جي ڳوٺ ڀر ۾ گٺ شاخ آھي زرعي زمين تي ڪم ڪار لا۽ وڃي رهيا ھئاسين ته گٺ شاخ ۾ ترندڙ لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو ويو جڏھن تہ ٻارڙي جو لاش پراڻو آهي ۽ پاڻي ۾ پيل رهڻ سبب ڳريل حالت ۾ مليو جنهن کي ٻاهر ڪڍيو ويو جنهن بعد حد جي ايس ايڇ او جو چوڻ هو ته اسان جاچ ڪري رهيا آھيون ڳوٺ جي پيش امام جنازه نماز پڙھائي معصوم ٻالڪ کي ڳوٺ جي مقامي قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيو اهڙي افسوس ناڪ واقعي تي ڳوٺاڻن ۾ ڏک جي لهر ڇانيل آهي

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button