سنڌ جون خبرونقومي خبرون

سيٺارجا ويجھو جامعه مسجد غوثيه ڳوٺ وليداد خان لُنڊ ۾ ڪربلا جي شھيدن جي ياد پروگرام ٿي گذريو

سيٺارجا ويجھو جامعه مسجد غوثيه ڳوٺ وليداد خان لُنڊ ۾ ڪربلا جي شھيدن جي ياد پروگرام ٿي گذريو جنھن جي صدارت مولوي محمد شاھد تنيو سڪندري (خطيب جامعه مسجد غوثيه ڳوٺ وليداد خان لُنڊ) جن ڪئي جنھن ۾ خصوصي خطاب مفتي فدا حسين سڪندري ڪئي مفتي فدا حسين سڪندري خطاب ڪندين فرمايو ته ڪربلا جو واقعو ھڪ تمام ڏکوئيندڙ واقعو آھي ڪربلا ۾ امام حسين عليه السلام سميت سندس ساٿين کي شھيد ڪيو ويو ڪربلا جو واقعو اسان کي انسانيت سيکاري ٿي ڪربلا جو واقعو مسلمان کي نماز سان محبت سيکاري ٿي مگر اڄ ڪلھ جا مسلمان نماز کان بلڪل پري ٿي ويا آھن حضرت امام حسين عليه السلام جن کي جڏھن شھيد ڪيو ويو ھيو تڏھن امام حسين عليه السلام نماز قضا نه ڪئي ۽ قرآن جي تلاوت نه ڇڏي ڌڙ کان ڌار سر مبارڪ به قرآن جي تلاوت ڪئي اڄ ڪلھ جا مسلمان حسيني ته سڏائن ٿا مگر حسيني ٿي نٿا ڏيکارين ڪربلا جو واقعو نياڻين کي پردو سيکاري ٿي ته دوران جنگ بہ پاڪن سائڻن پردو نه ڇڏيو اڄ ڪلھ ته بي پردگي بيحيائي وڌي وئي آھي ۽ اسان وري حسيني سڏايون ٿا حسيني اھو آھي جيڪو قرآن جي تلاوت، نماز سان محبت ۽ پنھنجن نياڻين کي پردو ڪرائي اھو حسيني ٿي ٿو سگھي ۽ شھيدن کي مئل نه چئو شھيد ھميشہ زنده ھوندا آھن اسان جا امام زنده آھن ۽ يزيد سان امام حسين عليه السلام جو جنگ ڪنھن ڪرسي خاطر نه ھيو يزيد زاني، شرابي، ڪتائي، ۽ جواري ھيو جيڪو امام حسين عليه السلام کي پسند نه ھيو ۽ اسان جي دين جي خلاف ھيو ان ڪري امام حسين عليه السلام پنھنجي ناني محمد مصطفي صه جي دين کي زنده ڪرڻ لاء اعلان جنگ ڪيو ان کان بعد مشھور و معروف نعت خوانن نعتيون قصيدا ۽ امام حسين عليه السلام جو شان ڳايو ان موقعي تي ڳوٺ وليداد خان لُنڊ جي رھواسين ۽ آسپاس جي ماڻھن گھڻي تعداد ۾ شرڪت ڪئي آخر ۾ نياز امام حسين عليه السلام جو بندوبست پڻ ڪيو ويو ۽ مفتي ضمير احمد سڪندري جي مغفرت لاء دعائون پڻ گهريون ويون

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button