ميرپورخاص گورنمينٽ ابن رشد گرلز ڊگري ڪاليج میرپورخاص۾ 23 مارچ تي يوم قرارداد پاڪستان جي موقعي تي تقريب منعقد ڪئي وئي.

ميرپورخاص گورنمينٽ ابن رشد گرلز ڊگري ڪاليج میرپورخاص۾ 23 مارچ تي يوم قرارداد پاڪستان جي موقعي تي تقريب منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي گورنمينٽ ابن رشد گرلز ڊگري ڪاليج جي پرنسپل پروفيسر تمڪين فاطمه 23 مارچ يوم قرارداد پاڪستان جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 23 مارچ 1940ع اهو تاريخي ڏينهن آهي جڏهن برصغير جي مسلمانن قائداعظم محمد علي جناح جي قيادت ۾ قرارداد لاهور پيش ڪئي، جيڪا بعد ۾ پاڪستان جي قيام جو بنياد بڻجي وئي. هي ڏينهن اسان کي اتحاد، ايڪتا ۽ اسان جي ابن ڏاڏن جي آزاد رياست لاءِ ڏنل قربانين جي ياد ڏياري ٿو. هن سمورن استادن ۽ شاگردن کي خطاب ڪندي چيو ته اچو ته ان موقعي تي اهو عهد ڪريون ته پاڪستان کي هڪ مضبوط، خوشحال ۽ ترقي يافته ملڪ بڻائڻ لاءِ پنهنجون سموريون صلاحيتون استعمال ڪنداسين، ان موقعي تي آفيس سپرنٽينڊنٽ شڪيل کوسو، استادن ۽ شاگردياڻين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.