سنڌ جون خبرونقومي خبرون

عمرڪوٽ ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ جو بجيٽ اجلاس چيئرمين حاجي محمد بقا پلي جي صدارت هيٺ ضلع ڪائونسل هال ۾ منعقد ٿيو

عمرڪوٽ ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ جو بجيٽ اجلاس چيئرمين حاجي محمد بقا پلي جي صدارت هيٺ ضلع ڪائونسل هال ۾ منعقد ٿيو. ان موقعي تي چيئرمين ضلع ڪائونسل عمرڪوٽ حاجي محمد بقا پلي مالي سال 2025-2026 لاءِ 908,799,308 رپين جي بجيٽ پيش ڪئي، جنهن تي تفصيلي غور ڪيو ويو. ھن چيو تہ ايندڙ مالي سال ۾
509,300,000 رپيا نون ترقياتي منصوبن لاءِ
118,457,605 رپيا جاري ترقياتي منصوبن لاءِ،
5,000,000 رپيا ڊي ڊي ايم اي لاءِ،
176,301,958 رپيا ضلع ڪائونسل جي ملازمن جي پگهارن لاء
400,000 رپيا پريس ڪلبن جي گرانٽ لاءِ
100,000 رپيا راندين جي سرگرمين لاءِ مختص ڪيا ويا آهن، جڏهن تہ ايندڙ مالي سال جي ڪل آمدني 347,600,000 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. اجلاس ۾ وائيس چيئرمين ضلع ڪائونسل ميان خالد ولھااري، ضلع ڪائونسل ميمبر نواب يونس ٽالپر، شاهنواز جوڻيجو، عبد الواحد آريسر، صوفي عقيل، صوفي علي رضا، ميڊم نورجهان، مظہر اڪبر درس، هيمن ڀيل ۽ ٻين ميمبرن ترقياتي منصوبن، بنيادي سهولتن جي فراهمي، صفائي سٿرائي، تعليم، صحت ۽ ٻين اهم معاملن بابت پنهنجا رايا ۽ تجويزون پيش ڪيون. ان موقعي تي چيئرمين حاجي محمد بقا پلي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو تہ عوامي خدمت اسان جي پهرين ترجيح آهي ۽ بجيٽ ۾ عوامي مفاد کي نظر ۾ رکندي منصوبابندي ڪئي وئي آهي. هن چيو تہ ضلع جي ترقي لاءِ سڀني ميمبرن کي گڏ وٺي هلنداسين تہ جيئن هڪ بهتر ۽ خوشحال عمرڪوٽ جو بنياد رکجي سگهي. اجلاس ۾ ضلع ڪائونسل جي ميمبرن، چيف ميونسپل آفيسر امتياز هاليپوٽو، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشيل ويلفيئر نور محمد، انفارميشن آفيسر محمد اسلم، مختلف کاتن جي عملدارن جن ۾ صحت، تعليم، فاريسٽ سميت لاڳاپيل کاتن جي عملدارن ۽ عمرڪوٽ پريس ڪلب جي صحافين پڻ شرڪت ڪئي.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button