سنڌ جون خبرونقومي خبرون

عمرڪوٽ سماجي، صوفياڻي ۽ روحاني جماعت انجمنِ غلامانِ قلندر ويلفيئر سنڌ پاڪستان پاران

عمرڪوٽ سماجي، صوفياڻي ۽ روحاني جماعت انجمنِ غلامانِ قلندر ويلفيئر سنڌ پاڪستان پاران خانقاه آشيانه قلندري ڪنري ۾ ڏهين محرم الحرام ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ قرآن خواني ،حلقہ درود پاڪ و ذڪر اهلبيت جو پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ عاشقانِ رسول ﷺ ۽ قلندري دوستن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي جماعت جي روحاني سرواڻ سائين سيد غلام حيدر شاهه قلندري خطاب ڪندي فرمايو ته، اسلام جو اصل پيغام وحدت، اخوت ۽ محبت آهي، پر افسوس جو اڄ مسلمان پاڻ کي فرقن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي، جيڪو قرآن پاڪ جي تعليمات جي ابتڙ آهي.
سائين سيد غلام حيدر شاهه قلندري، سورة الانعام، آيت نمبر 159 جو حوالو ڏيندي فرمايو، إِنَّ الَّذِينَ فَرَّقُوا دِينَهُمْ وَكَانُوا شِيَعًا لَسْتَ مِنْهُمْ فِي شَيْءٍ ۚ إِنَّمَا أَمْرُهُمْ إِلَى اللَّهِ ثُمَّ يُنَبِّئُهُم بِمَا كَانُوا يَفْعَلُونَ
(بيشڪ جن ماڻهن پنهنجو دين ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو ۽ فرقن ۾ ورهجي ويا، تن سان تنهنجو ڪو واسطو ناهي. انهن جو معاملو الله جي حوالي آهي، پوءِ هو کين ٻڌائيندو ته اُهي ڇا ڪندا رهيا.
سائين وڌيڪ چيو ته اهلبيت جي محبت، قرباني ۽ صبر جا درس اسان سڀني لاءِ مشعل راهه آهن، جيڪي مسلمانن کي ورهائڻ نه پر جوڙڻ جو پيغام ڏين ٿا. جڏهن ته ڪروڙين درود پاڪ ۽ ختم القرآن جي تحفن سان امام حسین علیہ السلام ۽ ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪري عالم انسانيت لاءِ دعائون گهريون ويون، آخر م نماز ظہر باجماعت ادا ڪئي وئي ۽ نياز امام حسين پڻ تقسيم ڪيو ويو

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button