شڪارپور پيپلز پارٽي اڳواڻ ، سابق صوبائي وزير ۽ ميمبر سنڌ اسيمبلي امتياز احمد شيخ جي صدارت ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ڪيٽل ڪالوني جي حوالي سان اهم گڏجاڻي

شڪارپور
پيپلز پارٽي اڳواڻ ، سابق صوبائي وزير ۽ ميمبر سنڌ اسيمبلي امتياز احمد شيخ جي صدارت ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ڪيٽل ڪالوني جي حوالي سان اهم گڏجاڻي.
تفصيل موجب .
گزريل ڏينهن پيپلز پارٽي اڳواڻ ، سابق صوبائي وزير ۽ ميمبر سنڌ اسيمبلي امتياز احمد شيخ جي صدارت ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ڪيٽل ڪالوني جي حوالي سان اهم گڏجاڻي ٿي. جنهن ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ظفر عباس عباسي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور محمد فيضان چيمه، چيف ميونسپل آفيسر عابد لطيف راجپوت، ڊي آئي بي انچارج شاهجهان شاهه، پراونشل بلڊنگ ڊويزن سکر دانو مل، اَي اِي اين، پراونشل بلڊنگ سب ڊويزن شڪارپور آفتاب علي انصاري، ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ شڪارپور ڊاڪٽر ذوالفقار علي مهر ۽ ٺيڪيدار معصوم شاهه گڏجاڻيءَ ۾ پڻ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي پيپلز پارٽي اڳواڻ، سابق صوبائي وزير ۽ ميمبر سنڌ اسيمبلي امتياز احمد شيخ گڏجاڻيءَ ۾ چيو ته هلندڙ هفتي دوران ڪيٽل ڪالوني جو ڪم شروع ڪيو ويندو، ضلعي انتظاميا ان سلسلي ۾ تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن، امتياز احمد شيخ چيو ته واڙا شهر ۾ هجڻ جي ڪري اسڪولن جا ٻار، عورتون توڙي شهري سخت متاثر هئا هاڻي ان مصيبت مان شهرين کي نجات ملندي، هن چيو ته واڙا ٻاهر منتقل ڪرڻ منهنجو مشن هو، جيڪو هاڻي پورو ٿي رهيو آهي، ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو ٻڌايو ته پهرين مرحلي ۾ چارديواري جو ڪم شروع ڪيو ويندو، ان بعد باقي ڪم شروع ڪيو ويندو.