ٽنڊوڄام ٽنڊو ڄام ويجهو ڳوٺ گل محمد ٺوڙها جي رهواسين سولنگي برادري جو ترقياتي ڪمن ۾ نظرانداز ڪرڻ خلاف يونين ڪائونسل 60 جي چيئرمين خلاف احتجاجي مظاهرو

ٽنڊوڄام ٽنڊو ڄام ويجهو ڳوٺ گل محمد ٺوڙها جي رهواسين سولنگي برادري جو ترقياتي ڪمن ۾ نظرانداز ڪرڻ خلاف يونين ڪائونسل 60 جي چيئرمين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي خبر موجب ٽنڊوڄام ويجهو ڳوٺ گل محمد ٺوڙها جي ڳوٺاڻن يونين ڪائونسل 60 جي چيئرمين حاجي اسماعيل وساڻ خلاف سولنگي برادري جي سومر سولنگي ۽ منظور سولنگي جي اڳواڻي ۾ ٽنڊوڄام ورڪشاپ اسٽاپ کان ريلي ڪڍي ٽنڊوڄام ميڊيا سينٽر تي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ٻن سالن کان چونڊجي آيل چيئرمين ديه گل محمد ٺوڙها ۾ ڪو به ترقياتي ڪم نه ڪرايو آهي هر مهيني ٻارنهن لک بجيٽ هجڻ باوجود بنيادي سهولتن کان محروم آهيون اسان تڪ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ سندس فرزند راول شرجيل کي اپيل ٿا ڪيون ته اسان سٺ سالن کان پيپلز پارٽي جا ووٽر آهيون اسان ٿيندڙ نا انصافي جو نوٽيس وٺي ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن ٻئي صورت ۾ حيدرآباد ميرپورخاص روڊ بلاڪ ڪري سخت احتجاج ڪيو ويندو.