جھڏي ۾ بدفعلي ڪيس جو جوابدار ٿاڻي تان فرار: شٽربند هڙتال: ڌرڻو : 3 اهلڪار گرفتار

جهڏو جھڏو ۾ نينگر سان بدفعلي ڪيس ۾گرفتار جوابدار ٿاڻي تان فرار ٿي ويو، واقعي خلاف شٽربند هڙتال، مظاهرو، ڌرڻو، 10 محرم جي ڏينهن 10ورهين جي معصوم نينگر عبدالهادي ولد منصور قائم خاني کي مبينا طور بدفعلي جو نشانو بڻايو ويو هو، نينگر جي رڙين تي علائقي واسين پهچي الزام هيٺ آيل جوابدار بلال اقبال راجپوت کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪيو هو، جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري ريمانڊ ورتو ويو هو، جڏهن ته جوابدار جهڏو ٿاڻي جي لاڪ اپ مان ڊرامائي انداز ۾ فرار ٿي ويو آهي، ٻي طرف متاثر نينگر جي وارثن قائم خاني برادري پاران شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪرائي ڪاروبار بند ڪري جهڏو ناڪي وٽ مين مٺي-ميرپورخاص روڊ تي ٽائر ساڙي روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو، مظاهرين چيو ته پوليس جوابدار کي رشوت وٺي آزاد ڪيو آهي، اسان جي معصوم نينگر سان ظلم ڪندڙ جوابدار کي ٿاڻي تان فرار ڪرائڻ ۾ ملوث عملدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. هوڏانهن ايس ايس پي ميرپورخاص غفلت جي الزام هيٺ ڊيوٽي تي موجود اي ايس آءِ ارباب خاصخيلي ۽ ٻه پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ايس ايچ او جهڏو موجب فرار جوابدار جي گرفتاري لاءِ ٽيڪنيڪل طريقي سان پوليس پارٽي جون ڪارروائيون جاري آهن.