سنڌ جون خبرون

ڪشمور بد امني جي باھ گڊو ٿاڻي جي حد ڊيرا موڙ ۾ غلام قادر ملڪ جي پي سي او تان ڦر مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن غلام قادر ملڪ ۽ هيرا ملڪ گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو وارثن پاران ڊيرا موڙ پل بند ڪري ڇڏي

ڪنڌڪوٽ
ڪشمور بد امني جي باھ گڊو ٿاڻي جي حد ڊيرا موڙ ۾ غلام قادر ملڪ جي پي سي او تان ڦر مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن غلام قادر ملڪ ۽ هيرا ملڪ گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو وارثن پاران ڊيرا موڙ پل بند ڪري ڇڏي

ڪشمور ۾ بد امني جي باھ وسامي نه سگهي ڏينهنو ڏينهن وارداتن ۾ اضافو روز چوري ۽ ڦرن جو وارداتون ٿيڻ لڳيون گڊو ٿاڻي جي حد ڊيرا موڙ مسجد چوڪ وٽ پي سي او تي ڇھ هٿياربندن جي ڪاھ مزاحمت ڪرڻ تي پي سي او مالڪ غلام قادر ملڪ ۽ سندس ڀائٽو هيرو ملڪ گوليون لڳڻ ڪري سخت زخمي ٿي پيو پي سي او مالڪ غلام قادر ملڪ جو چوڻ جو ته ٻن موٽر سائيڪل تي سوار ڇهن هٿيار بندن زبردستي دوڪان ۾ گهڙي پئسا ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي پئسا نه ڏيڻ تي هٿياربندن سڌيون گوليون هنيون جنهن تي مونکي ۽ مھنجي ڀائٽي کي گولي هڻي زخمي ڇڏيو ۽ روڪ لکين رپين جي رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا بي طرف زخمين کي طبي امداد لاءِ ڪشمور اسپتال منقتل ڪيو ويو طبي امداد بعد ٻنهي زخمين کي رحيميار خان ريفر ڪيو ويو جنھن تي زخمين جي وارثن ملڪ برادري پاران سوين تعداد پهچي ڪري سنڌ پنجاب لنڪ روڊ پل بند ڪري ڇڏي مسلسل هڪ گھنٽي تائين روڊ بند رهيو چيف آف ملڪ سردار لهڙي خان ملڪ پاران پهچڻ بعد ڪشمور پوليس سان ڳالهيون ڪري ڏوهارين جي گرفتاري جي خاطري بعد روڊ کوليو ويو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه داخل نه ٿي سگهيو

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button