سنڌ جون خبرونقومي خبرون

پي ٽي آءِ نالائقي سبب مخصوص سيٽون وڃايون، رياست تي حملي جو پهرين کان سخت جواب ملندو: حڪومت

اسلام آباد  بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ وارا پاڻ ۾ هڪ ٻئي خلاف آهن وڌيڪ چوڻ جي ضرورت ناهي، اتفاق راءِ سان سموريون ڳالهيون طئي ٿين ٿيون، خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ دور ۾ هائبرڊ سسٽم جي ناڪامي جي نشاندهي ڪئي، ان دور ۾ هائبرڊ سسٽم ان لاءِ ڪامياب نه ٿيو ته هو هڪٻئي مٿان اعتماد نه ڪندا هئا. خواجه آصف وڌيڪ چيو ته باني پي ٽي آءِ صدر وٽ ويو جتي هن چيو ته پوري عمر لاءِ باجوه کي آرمي چيف بڻائڻ ٿو چاهيان. هوڏانهن گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري پي ٽي آءِ اڳواڻن جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته سياسي پارٽين جو طرز عمل به سياسي هجڻ گهرجي. تحريڪ انصاف بار بار غلطيون ڪيون، پهرين استعيفيٰ وري اسيمبليون ٽوڙيون هاڻي هو پنهنجي نالائقي سبب مخصوص وڃايون، گنڊاپور پهرين به اسلام آباد تي چڙهائي جون ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون هر ڀيري رياست آئين ۽ قانون تحت ان جو رستو روڪيو. آئينده به جيڪڏهن ڪنهن رياست تي حملي جي جرئت ڪئي ته جواب پهرين به سخت هوندو. مملڪتي وزير وڌيڪ چيو ته ڪي پي ۾ جيڪڏهن پي ٽي آءِ جي لاڳيتو ٽئين حڪومت نه هجي ها ته صوبي ۾ دهشتگردي نه هجي ها، سياسي اختلافن جو حق سڀني کي آهي پر رياستي ادارن تي حملو ڪنهن کي به قبول ناهي. جتي سياست نفرت ۽ ڏڦيڙ سان شروع ٿئي ان جو انجام پڇتاءَ کانسواءِ ڪجهه نه هوندو.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button