دلچسپ ۽ عجيبقومي خبرون
سوات واقعي تي ڏک: ادارن جي صلاحيت وڌائي وڃي: شهباز

اسلام آباد وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گورنر خيبر پختونخواهه فيصل ڪريم ڪنڊي ملاقات ڪئي. گورنر خيبر پختونخواهه وزيراعظم کي درياءَ سوات ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعي بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم قيمتي جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ لاڳاپيل ادارن کي اهڙن واقعن جي روڪٿام ۽ تدارڪ لاءِ پنهنجي صلاحيت وڌائڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات دوران مجموعي قومي ۽ سياسي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سرحدي معاملن بابت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام، وفاقي وزير رانا مبشر اقبال، وزيراعظم جو سياسي معاملن بابت صلاحڪار رانا ثناءُ الله، طلحه برڪي، مملڪتي وزير عبدالرحمان شرڪت ڪئي.