دلچسپ ۽ عجيبقومي خبرون

ڪي پي حڪومت خلاف بي اعتمادي جو حصو نه ٿينداسين: فضل الرحمان جو پيغام عمران کي ملي ويو

اسلام آباد / پشاور جمعيت علماءِ اسلام، پاڪستان تحريڪ انصاف کي خيبر پختونخواهه حڪومت خلاف بي اعتمادي ۾ حصو نه وٺڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي. عمران خان جي ڀيڻن ان حوالي سان مولانا فضل الرحمان جو پيغام اڊيالا جيل ۾ عمران خان تائين پهچايو. ذريعن موجب پي ٽي آءِ باني کي پيغام ڏنو ويو آهي ته مولانا فضل الرحمان سان خيبر پختونخواهه ۾ ان هائوس تبديلي لاءِ رابطو ڪيو ويو پر هن انڪار ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان تحريڪ انصاف کي ڪي پي حڪومت خلاف بي اعتمادي ۾ حصو نه وٺڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button