بجلي ٽيرف ۾ 1 رپيو 15 پيسا گھٽتائي، گاڏيون، کير، ڏهي سميت 100 کان وڌيڪ شين تي ڊيوٽي ۾ لاٿ

اسلام آباد فنانس ايڪٽ 2025 لاڳو ٿيندي ئي درآمدي کير، ڏهي، پنيـر، ميوي سميت سئو کان وڌيڪ شين تي ڊيوٽي ٽيڪس ۾ گهٽتائي ڪئي وئي ۽ ان حوالي سان ايف بي آر باضابطا طور نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر) طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن پهرين جولاءِ کان لاڳو ٿي چڪو آهي. نوٽيفڪيشن مطابق پنيـر ۽ ڏهي جي درآمد تي ڊيوٽي گهٽائي وئي آهي، جڏهن ته موبائل فون جي سم ڪارڊن تي ريگوليٽري ڊيوٽي 15 سيڪڙو مان گهٽائي 12 سيڪڙو ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب تمباڪ تي ڊيوٽي 40 سيڪڙو تائين گهٽ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته خارڪ، ناريل ۽ ڪاجو تي ڊيوٽي 16 سيڪڙو تائين گهٽ ڪئي وئي آهي. ان کانسواءِ انجير، انناس، زيتون ۽ انب تي ڊيوٽي ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پپيتي ۽ صوف تي ڊيوٽي 45 سيڪڙو مان گهٽائي 36 سيڪڙو ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي نيپرا بجلي جا ماهوار 100 کان 500 يونٽ تائين يونٽ استعمال ڪندڙ واهپيدارن کي بنيادي ٽيرف ۾ وڏو رليف ڏئي ڇڏيو. نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ في يونٽ هڪ رپيو 15 پئسا تائين گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. نيپرا پنهنجو فيصلو جاري ڪندي ان کي نوٽيفڪيشن لاءِ وفاقي حڪومت ڏانهن اماڻي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ ان فيصلي تي عملدرآمد شروع ٿيندو ۽ سڄي ملڪ ۾ بجلي سستي ٿي ويندي. گهريلو واهپيدارن لاءِ وڌ کان وڌ ٽيرف 46.69 رپيا في يونٽ ٿي ويندو پر ماهوار 50 يونٽ تائين گهريلو لائف لائن واهپيدارن جو ٽيرف 3.95 رپيا في يونٽ برقرار رکيو ويو آهي. ماهور 51 کان 100 يونٽ تائين لائف لائن واهپيدارن لاءِ ٽيرف 7.74 رپيا ۽ هڪ کان 100 يونٽ تائين پروٽيڪٽڊ گهريلو واهپيدارن جو ٽيرف 10.54 رپيا في يونٽ مقرر آهي. 101 کان 200 يونٽ تائين پروٽيڪٽڊ گهريلو واهپيدارن جو ٽيرف 13.01 رپيا، جڏهن ته هڪ کان 100 يونٽ تائين نان پروٽيڪٽڊ گهريلو واهپيدارن جو ٽيرف 22.44 رپيا في يونٽ مقرر ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ ماهوار 101 کان 200 يونٽ تائين ٽيرف 28.91 رپيا، ماهوار 201 کان 300 يونٽ جو بنيادي ٽيرف 33.10 رپيا، ماهوار 301 کان 400 يونٽ جو ٽيرف 37.99 رپيا في يونٽ مقرر آهي. ماهوار 401 کان 500 يونٽ جو بنيادي ٽيرف 40.20 رپيا، ماهوار 501 کان 600 يونٽ جو ٽيرف 41.62 رپيا، ماهوار 601 کان 700 يونٽ جو ٽيرف 42.76 رپيا ۽ ماهوار 700 يونٽ کان وڌيڪ جو ٽيرف 47.69 رپيا في يونٽ هوندو.