قومي خبرون

پاڪستان جي ڊڪشنري ۾ هٿيار ڦٽاڪرڻ شامل ناهي، ڀارت پاڻي کي هٿيار طور استعمال کان پاسو ڪري،: بلاول

اسلام آباد پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته طالبان حڪومت طرفان واعدن جي ڀڃڪڙي خطي ۾ عدم استحڪام جو سبب بڻجي رهي آهي، پاڪستان جي ڊڪشنري ۾ سرينڊر ڪرڻ شامل ناهي، ايندڙ نسلن جي محفوظ مستقبل لاءِ دهشتگردي کي شڪست ڏينداسين. اسلام آباد پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ تحت ”دنيا لاءِ پاڪستان جي دهشتگردي خلاف جنگ“ جي عنوان سان انٽرنيشنل ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگردي عالمي مسئلو آهي، پاڪستان کي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏو نقصان ٿيو آهي، دهشتگردن خلاف ڀرپور ڪارروائيون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته طالبان حڪومت جي اچڻ کانپوءِ افغان سرزمين تان پاڪستان تي ٿيندڙ حملن ۾ 40 سيڪڙو واڌ ٿي، افغان عبوري حڪومت دوحا معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، محفوظ مستقبل لاءِ دهشتگردي کي شڪست ڏيڻي پوندي. سندس چوڻ هو ته ڀارتي قيادت اسان سان گڏ ويهي ۽ ڳالهين سان مسئلا حل ڪري، ڀارت پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪري، ڀارت کي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي صلاحيتن مان سکڻ گهرجي، دهشتگردي جي تدارڪ جي لاءِ ڀارت سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، ڀارت گڏجي پاڻي، دهشتگردي ۽ ڪشمير مسئلن تي ڳالهيون ڪري….

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button