74 مخصوص سيٽون بحال: حڪمران اتحاد سادي اڪثريت ۾ اچي ويو، ن ليگ جون 123 ۽ پيپلزپارٽي جون 74 سيٽون ٿي ويون، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سپريم ڪورٽ جي 27 جون 2025ع واري فيصلي تي عملدرآمد ڪندي 74 مخصوص سيٽون بحال ڪري ڇڏيون آهن. جنهن کان پوءِ مجموعي طور تي ن ليگ کي 43، پيپلپزارٽي کي 14 ۽ جي يو ءِ کي 12 سيٽُون ملي ويون، جڏهن ته آءِ پي پي، ق ليگ، اي اين پي، ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ پي کي به هڪ سيٽ ڏني وئي. ان ڏ س۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ اليڪشن ڪميشن قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي ڪامياب اميدوارن جا نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو آهي. فيصلي کانپوءِ اليڪشن ڪميشن 77 مخصوص سيٽون ٻين پارٽين کي ڏنيون وينديون، جن مان 74 سيٽون بحال ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيو آهي. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي جاري ڪيل پڌرائي موجب عدالتي فيصلي جي روشني ۾ مجموعي طور تي ن ليگ کي 43، پيپلزپارٽي کي 14، جي يو آءِ کي12 سيٽون مليون جڏهن ته استحڪام پاڪستان پارٽي، مسلم ليگ ق، اي اين پي، ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ پي جي حصي ۾ هڪ هڪ سيٽ آئي آهي. قومي اسيمبلي جي بحال ڪيل 19 سيٽن مان ن ليگ کي 13، پيپلزپارٽي کي 4 ۽ جي يو آءِ کي 2 سيٽون مليون. خيبرپختونخوا اسيمبلي جي 25 سيٽن کي بحال ڪرڻ بعد جي يو آءِ کي 10، ن ليگ کي 7 ۽ پيپلزپارٽي کي 6 سيٽون ڏنيون ويون، پي ٽي آءِ پي ۽ اي اين پي کي هڪ هڪ سيٽ ملي. پنجاب اسيمبلي جي 27 سيٽن جي بحال ٿيڻ سان ن ليگ کي 23، پيپلزپارٽي کي 2 سيٽون مليون، استحڪام پاڪستان پارٽي ۽ ق ليگ کي هڪ هڪ سيٽ ڏيڻ جو نوٽيفيڪيشن جاري ٿيو آهي. سنڌ اسيمبلي جي ٽن سيٽن جي بحالي سان 2 سيٽون پيپلزپارٽي کي ۽ هڪ ايم ڪيو ايم جي حصي ۾ آئي. اليڪشن ڪميشن موجب نوٽيفڪيشنز واپس وٺڻ جو حڪم اعليٰ عدالت جي فيصلي جي تعميل ۾ ڪيو ويو آهي. انهن سيٽن جي بحالي کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ مسلم ليگ (ن) جي ميمبرن جو انگ 123 جڏهن ته پيپلز پارٽي جا ميمبر 74 ٿي ويا. اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن کانپوءِ قومي اسيمبليءَ ۾ حڪمران اتحاد کي 235 ميمبرن سان گڏ ٻه ڀاڳي ٽي اڪثريت حاصل ٿي وئي. حڪمران جماعتن جي ميمبرن جو انگ 218 کان وڌي 235 ٿي ويو آهي. جنهن ۾ مسلم ليگ (ن) جون سيٽون 110 مان وڌي 123 ٿي ويون آهن. مسلم ليگ (ن) جون 86 جنرل سيٽون آهن. 12 اضافي سيٽون ملڻ تي عورتن جي مخصوص سيٽن جو انگ 20 مان وڌي 32 ٿي ويو. هڪ سيٽ ملڻ تي اقليتن جون سيٽون چئن مان وڌي 5 ٿي ويو آهي. اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن موجب ايم ڪيو ايم وٽ قومي اسيمبليءَ ۾ 22 سيٽون آهن، جن ۾ 17 جنرل، 4 عورتن ۽ هڪ اقليتي جي مخصوص سيٽ شامل آهي. مسلم ليگ (ق) جون 4 جنرل سيٽون ۽ هڪ اقليتي سيٽ آهي، مجموعي طور 5 سيٽون آهن. استحڪام پاڪستان پارٽي وٽ 4 سيٽون آهن، جن مان 3 جنرل ۽ هڪ عورتن جي مخصوص سيٽ آهي. پي ايم ايل ضياءَ، بلوچستان عوامي پارٽي، ۽ نيشنل پارٽي وٽ هڪ هڪ جنرل سيٽ آهي، جڏهن ته 4 آزاد ميمبر به حڪومتي بينچن تي موجود آهن. قومي اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن جي ميمبرن جو انگ 96 مان وڌي 98 ٿي ويو آهي. پي ٽي آءِ جي حمايت يافته سني اتحاد ڪائونسل وٽ 80 جنرل سيٽون آهن. اپوزيشن ۾ آزاد سيٽن تي 5 ميمبر آهن. جمعيت علماءِ اسلام (ف) وٽ 6 جنرل سيٽون آهن، عورتن جون مخصوص سيٽون 2 مان وڌي 3 ٿي ويون آهن، جڏهن ته جي يو آءِ کي اقليتن جي به هڪ سيٽ ملي وئي آهي. ان بعد ميمبرن جو مجموعي انگ 8 مان وڌي 10 ٿي ويو آهي. اپوزيشن بينچن تي بي اين پي، مجلس وحدت المسلمين، ۽ پي ڪي ميپ جي هڪ هڪ سيٽ آهي.