مينڊيٽ چوري بعد مخصوص سيٽون کسيون ويون، ڪنهن ۾ دم آهي ته ڪي پي حڪومت ڪيرائي ڏيکاري، سياست ڇڏي ڏيندس: گنڊاپور جو چئلينج

اسلام آباد خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته ڪنهن کي بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو شوق آهي ته پورو ڪري، اسان ڪي پي حڪومت جي ڀرپور حفاظت ڪنداسين، جيڪي بي اعتمادي آڻڻ جون ڳالهيون ڪن ٿا، اُنهن وٽ سيٽون ئي نه آهن، ڪي پي ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي ۽ رهندي، ڪنهن ۾ دم آهي ته ڪي پي حڪومت ڪيرائي ڏيکاري سياست ڇڏي ڏيندس. اهڙو اظهار وڏي وزير اسلام آباد ۾ پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته مينڊيٽ چوري ٿيڻ کانپوءِ مخصوص سيٽون کسيون ويون آهن، مخصوص سيٽن وارو فيصلو رياست ۽ ادارن تي بدنما داغ آهي، ڪير به ڪي پي حڪومت ڪيرائي نٿو سگهي، توهان اسان جا ماڻهون نٿا ٽوڙي سگهو اهي سمورين سازشن ۽ غيرآئيني قدمن ۾ ناڪام ٿي ويا، هاڻي قانوني طريقي سان ڪي پي حڪومت ختم ڪري ڏيکارين ته کين خبر پئجي ويندي، وڏي وزير وڌيڪ چيو ته ڪي پي حڪومت باني جي امانت آهي، هر صورت ۾ تحفظ ڪنداسين، امانت ۾ خيانت نٿو ڪري سگهان، تحريڪ دوران گولي جو جواب گولي سان ڏينداسين، ان موقعي تي بئريسٽر گوهر چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته ڳالهيون ڪرڻ نٿا چاهيون، اسان سدائين ڳالهين جي حمايت ڪئي آهي، باني به سدائين چوندو رهيو آهي ته نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون ڪرڻ گهرون ٿا، اسان ڪوبه سخت نياپو نه ڏئي رهيا آهيون، چاهيون ٿا رڳو زباني ڳالهيون نه ٿين، اُڻ لاءِ عملي قدم کنيا وڃن،