سنڌ جون خبرونقومي خبرون
ڪشمور ٿاڻي جي حد آر ڊي 45 وٽان ٻه نامعلوم موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن جو ٽريڪٽر ٽرالي مٿان فائرنگ ڪري ڏني

ڪشمور
ڪشمور ٿاڻي جي حد آر ڊي 45 وٽان ٻه نامعلوم موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن جو ٽريڪٽر ٽرالي مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ڊرائيور قربان علي سولنگي کي گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا آهن
زخمي ٿيل ڊرائيور قربان علي سولنگي کي ٽنگ ۾ گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو آهي جنهن کي رستي ويندڙ ماڻهن کڻي سول اسپتال ڪشمور علاج لاءِ منتقل ڪيو ويو آهي آئي ڏينهن اغوا ڦر چوريون ڌاڙيلن سرعام ھٿيارين سان گهمي ڦري رهيا آهن مجال جو ڪشمور پوليس رستا روڪ ڪري شهرين کي تحفظ فراهم ڪري ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي