ٻه هفتا اڳ اغوا ٿيل فيض الله ۽ خالق مزاري بازياب نه ٿي سگهيا آهن ڏوهارين مغوين جون تشدد شده تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏيون آهن

ڪشمور
ٻه هفتا اڳ اغوا ٿيل فيض الله ۽ خالق مزاري بازياب نه ٿي سگهيا آهن ڏوهارين مغوين جون تشدد شده تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏيون آهن تصويرن ۾ مغوين تي تشدد جا نشان واضح طور تي ڏسي سگهجن ٿا تصويرن ۾ مغوين چهري مان رت وهندو صاف ڏسي سگهجي ٿو ڌاڙيلن ٻني يرغمالين کي آزاد ڪرڻ لاءِ ٻه ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي وارثن جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن ٻنهي يرغمالين کي تاوان نه ڏيڻ جي صورت ۾ قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي
ڪشمور ضلعي مان صحافي سميت 10 کان وڌيڪ ماڻهو ڏوهارين جي حراست ۾ آهن
ڪشمور مزاري ڳوٺ جا ٻا نوجوان گذريل 20 ڏينهن کان ڏوھارين جي قيد ۾ آھن جيڪا بازياب ناھن ٿي سگھيا ٻڌايو پيو وڃي ته ٻئي نوجوان عورتاڻي آواز تي ڪنڌڪوٽ کان ڏوھارين ھٿان اغوا ٿي ويا اھا ڏوھاري وارثن کان نوجوانن جي بازيابي لائي 2 ڪروڙ ڀنگ طلب ڪري ورتي آھي وارثن جو چوڻ آھي ته اسان وٺ ايتري حيصيت ناھي جو اسان 2 ڪروڙ ڏئي سگھون پوليس به بيوس نظر پئي اچي اسان جي تر جا چونڊيل نمائيندا به نوجوانن جي بازيابي لائي ڪجهه ناھن ڪري سگھيا وارث سخت پريشان آھن
ڪشمور جا ڪيترائي مغوي ڏوھارين جي چمبي ۾ آھن جيڪا بازياب ناھن ٿي سگھيا بدامني ايتري ٿي وئي آ جو ھر شھري پريشان آھي جو اسان جو ڇا ٿيندو ۽ ڪيترن ئي ڪاروباري ماڻھن کي ڀتي جون پرچيون وصول ٿيون آھن مجال آ جو ڪو انهن پڪي جي ڏوھارين ۽ ڪچي جي ڏوھارين خلاف ڪا تڪڙي ڪاروائي ڪري۔