دلچسپ ۽ عجيبعالمي
غزه ۾ بمباري، انڊونيشين اسپتال جي ڊائريڪٽر سميت 67 فلسطيني مارجي ويا

غزه غزه ۾ اسرائيلي فوج جا حملا جاري رهيا، بمباري ۾ وڌيڪ 67 ماڻهو مارجي ويا. عرب ميڊيا موجب غزه سٽي ۾ اسرائيلي فوج جي رهائشي عمارت تي بمباري سان انڊونيشين اسپتال جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر حبيب مروان السلطان شهيد ٿي ويو. ٻئي طرف اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته اتر غزه ۾ جهڙپ دوران هڪ اسرائيلي فوجي مارجي ويو، جڏهن ته ڪمانڊر سميت 2 اسرائيلي فوجي زخمي ٿي پيا.