سنڌ جون خبرون
پريس ڪلب رڪن ٻرڙا جي سالياني چونڊ متفق راء سان سوڀ رپورٽر جان محمد ابڙو صدر ٿي ويو

سانگهڙ
, پريس ڪلب رڪن ٻرڙا جي سالياني چونڊ متفق راء سان سوڀ رپورٽر جان محمد ابڙو صدر ٿي ويو خبر موجب پريس ڪلب رڪن ٻرڙا جي چونڊ صحافي اتحاد جي ضلعي سانگھڙ جي جنرل سيڪٽري خدا ڏنو ڪاڇائي ۽ تعلقي صدر منصور لغاري جي نگراني ۾ ٿي گذري جنهن ۾ متفق راء سان پريس ڪلب رڪن ٻرڙا لاء صدر جان محمد ابڙو , نائب صدر فقير عابد وساڻ, جنرل سيڪٽري غلام شبير لغاري , جوائنٽ سيڪٽري خادم مڱريو , خزانچي رحيم بخش ابڙو , آفيس سيڪٽري واحد بخش ابڙو, پريس سيڪٽري جعفر سنڌي, چئيرمين ورڪنگ ڪميٽي حاجي قربان لغاري کي چونڊيو ويو نئي چونڊيل صدر جان محمد ابڙو ڳالهيندي چيو ته پريس ڪلب جي دوستن جي ڪيل اعتماند تي سندن شڪريو ادا ڪيان ٿو دوستن جي سھڪار سان پريس ڪلب رڪن ٻرڙا کي عوامي امنگن وٽان پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين ـ