خيرپور ( ڊر ) شاهه حسين ٿاڻي جي حد ڳوٺ مٺو مري ۾نامعلوم موٽر سائيڪل سوار هٿياربند هول سيل ڪريانه شاپ تي چڙهائي ڪري 3لک 50 هزار روپيا روڪ رقم ڦر ڪئي

خيرپور ( ڊر ) شاهه حسين ٿاڻي جي حد ڳوٺ مٺو مري ۾
نامعلوم موٽر سائيڪل سوار هٿياربند هول سيل ڪريانه شاپ تي چڙهائي ڪري 3لک 50 هزار روپيا روڪ رقم ڦر ڪئي. ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن هٿان دوڪاندار غلام عباس ولد غلام فقير بروهي فائرنگ ڪري زخمي ڪري ڇڏيو. غلام عباس کي ڄنگهه ۾ پسٽل جي گولي لڳي، جنهن سبب سندس حالت نازڪ ٿي وئي. کيس فوري طور تي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن پاران سندس علاج جاري آهي، ڦر ۽ دڪاندار کي زخمي ڪرڻ واري واقعي خلاف زخمي جي وارثن، ڳوٺاڻن انجمن تاجران خيرپور جي صدر لالا عبدالغفار شيخ جي اڳواڻي ۾ پير جو ڳوٺ _ خيرپور لنگ روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي، روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هني احتجاجي مظاھرو ڪيو، جنهن ڪري ٽريفڪ متاثر ٿي وئي،مظاهري جي اڳواڻي منٺار بروهي، مختيار، غلام رسول بروهي، حميد، سجاد بروهي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، مظاهرين چيو ته سج لٿي وقت سري عام هٿياربند مٺومري مين روڊ چوڪ تي ڦر ڪري دڪاندار کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا، پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي، هنن چيو ته بدامني عروج تي آهي پر پوليس بدامني جي اوٽ ٻڌ ڇوڙ کي ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن جي مزمت ڪريو ٿا، مظاهرين ايس ايس پي خيرپور کي چتاء ڏيندي 24 ڪلاڪن اندر واقعي جا جوابدار گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، ڊي ايس پي سٽي فراز ميتلو ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو ۽ ٽريفڪ بحال ڪرائي ڇڏي،