5جولاءِ: جمهوريت خلاف اڄ به سازشون جاري آهن: مراد شاهه

ڪراچي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه چيو آهي ته 5 جولاءِ 1977ع پاڪستان جي جمهوري تاريخ جو ڪارو ڏينهن هو، انھيءَ ڏھاڙي عوام جي چونڊيل وزيراعظم شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت مٿان مارشل لا مڙهي، جمھوريت جو خاتمو آندو هڪ بيان ۾ هن چيو ته شھيد عوام ذوالفقار علي ڀٽو کي اقتدار تان هٽائڻ واري سازش جمهوريت ۽ عوامي راءِ خلاف سازش هئي. شھيد ڀُٽي قوم کي شعور ڏنو پر آمريت ان شعور کي طاقت جي زور سان دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي، پيپلزپارٽي هر دور ۾ آمريت جو بهادري سان مقابلو ڪيو آھي. هن چيو ته اڄوڪو ڏينهن اسان کي جمهوريت جي تحفظ، آئين جي بالادستي ۽ عوامي حقن جي جدوجهد کي جاري رکڻ جي اهميت جو احساس ڏياري ٿو. ھن چيو ته اسان جمھوريت خاطر هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. وڏي وزير چيو ته اڄ به جمهوريت ۽ ملڪي سالميت خلاف سازشون جاري آهن، جن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ اسان کي هوشيار رهڻو پوندو.