سنڌ جون خبرونقومي خبرون

7 سالن جي ڄمار ۾ اغوا ٿيل پريا 11 سالن جي ٿي چڪي

سکر: معصوم پريا ڪماريءَ جي اغوا بعد والدين لڳ ڀڳ هڪ سال تائين سنگرار ويجهو هڪ درگاهه تي رهائش اختيار ڪئي هئي، پريا جو پتو نه پوڻ تي راجڪمار پنهنجي خاندان سان گڏ سنگرار ۾ واقع اباڻا ڪک ڇڏي لڏپلاڻ ڪرڻ بعد سکر ۾ رهائش اختيار ڪئي، معصوم پريا ڪماري کي ستن ورهين جي عمر ۾ اغوا ڪيو ويو هو، جيڪا هن وقت 11 ورهين جي عمر ۾ پهتي آهي، پريا ڪماري جي اغوا کانپوءِ پريشان والدين سنگرار ويجھو پير اخلاص شاھ درگاھ سان عقيدت هجڻ ڪري لڳ ڀڳ هڪ سال تائين نياڻي جي خيريت سان واپسيءَ لاءِ رهائش اختيار ڪئي هئي، اغوا ٿي ويل پريا ڪماري جي بازيابي سنڌ پوليس لاءِ چئلينج بڻيل آهي، مختلف وقتن تي سٺي ساک رکندڙ آفيسرن تي مشتمل ٽيمون به نتيجا نه ڏئي سگهيون، موجودهه جاچ ٽيم جو سربراهه پريا جي اغوا ٿيڻ وقت پوليس جي روايتي سستي جو به اعتراف ڪري چڪو آهي، پريا ڪماريءَ جي اغوا واري واقعي کانپوءِ چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ معامري جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button