دلچسپ ۽ عجيبقومي خبرون

پريا اغوا کي چوٿون عاشورو، پوليس ناڪام، خورشيد ۽ ناصر شاهه سچا ٿين نياڻي ملي ويندي: والد

سکر  پريا ڪماريءَ جي بازيابيءَ لاءِ سنڌ حڪومت، گهرو وزير، آءِ جي سنڌ ۽ پوليس آفيسرن پاران ڪيل واعدا، يقين ڌيانيون ۽ اعلان اعلان ئي رهجي ويا. پريا ڪماريءَ کي اغوا ٿئي چار سال مڪمل ٿيڻ باوجود پوليس پتو لڳائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام آهي. معصوم نياڻيءَ جي خاندان ۾ مايوسي، بيچيني ۽ سوڳ واري لهر پيدا ٿي وئي آهي، رپورٽ موجب سنگرار مان 4 سال اڳ معصوم پريا ڪمار کي 19 آگسٽ 10 محرم الحرام عاشور واري ڏينهن ڪربلا جي شھيدن جي ياد ۾ ٿيندڙ ماتمي جلوس لاءِ گھر جي چند قدمن جي مفاصلي تي سبيل هلائيندي اغوا ٿي وئي هئي، معصوم نياڻي جي والد راجو مل جي فرياد تي سنگرار ٿاڻي تي نامعلوم ماڻھن خلاف پريا ڪماريءَ جي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو، پريا جي اغوا کي چار سال مڪمل ٿي ويا آهن، پر هن وقت تائين پوليس نياڻيءَ کي بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي، صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار سنڌ اسيمبلي جي فلور تي ڳالهائيندي دعويٰ ڪئي هئي ته پريا ڪماري زندهه آهي، جيڪا چولستان واري علائقي ۾ موجود آهي، جنهن کي جلد بازياب ڪرايو ويندو، اهڙي طرح اڳوڻي ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاهه، موجودهه ڊي آءِ جي فيصل عبدالله چاچڙ توڙي ٻين آفيسرن پريا ڪماري جي والدين کي خاطري ڪرائي ته پريا ڪماري زندهه آهي، جنهن کي جلد بازياب ڪرايو ويندو، اهڙن بيانن بعد پريا ڪماري جي امڙ ۽ والد، گهر ڀاتين، هندو برادري جي بيچيني ۾ اضافو ٿي ويو آهي، نياڻيءَ جي والد راجڪمار تازو ئي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سان ملاقات ڪري نياڻي جي بازيابيءَ جي اپيل ڪئي، راجڪمار مطابق ناصر شاهه خاطري ڪرائي آهي، هن چيو ته اِن کان اڳ به ناصر شاهه، خورشيد شاهه، ضياءَ الحسن لنجار ۽ مقرر ٿيندڙ ڊي آءِ جيز، ايس ايس پيز جي آفيسن جا چڪر ڪاٽيندو رهيو آهيان، دلاسن ۽ آسرن کان سواءِ ڪيس ۾ ڪا به اڳڀرائي ناهي ٿي، هن چيو ته پريا جي اغوا کي چار سال مڪمل ٿي ويا آهن، مختلف وقتن تي ڪچي مان فون ڪندڙ شخص اڃا تائين ميسيج ڪري پيو ته پريا ڪماري مون وٽ آهي، جنهن متعلق ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي ٻڌايو آهي، جيڪي چون ٿا اسان تصديق ڪئي آهي، همراهه ڪوڙ پيو ڳالهائي، پريا ڪماري جي امڙ رات ڏينهن روئي روئي بيحال ٿي وئي آهي، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي چون ٿا، پهريان واريون ڳالهيون سمجهه نه آيون، هاڻي ڪوشش ڪريون ٿا، معصوم پريا ڪماريءَ جي امڙ روينا ڪماري جو چوڻ آهي ته حڪومت ۽ پوليس ٺلها آسرا ڏنا آهن پر منهنجي نياڻي هن وقت تائين واپس ناهي موٽي، ڪڏهن حڪومت چوي پئي ته پريا جي خبر پئجي وئي آهي ته ڪڏهن چوي ٿي ڪوشش ڪريون ٿا، اسان ته پنڌ ڪري ڪري ٿڪجي پيا آهيون، ڪراچي ۾ ڌرڻي دوران گهرو وزير ملاقات ڪري خاطري ڪرائي پر ان جو به ڪو نتيجو نه نڪتو، هنن وزرير اعظم پاڪستان، آرمي چيف، چيف جسٽس آف پاڪستان، سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ، چيف جسٽس آف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ لاڳاپيل اختيارين کان پريا ڪماريءَ کي بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو. ٽائيم نيوز موجب راج ڪمار ٻڌايو ته مسلسل آسرا ڏنا پيا وڃن، خورشيد شاهه ۽ ناصر شاهه سچا ٿين ته ٻن ڏينهن ۾ پريا ڪماري ملي ويندي.

 

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button