سنڌ جون خبرونقومي خبرون
لغاري بجراڻي واسي پورهيت ڦڦڙن جي بيماري وگهي فوت

مورو مورو ويجھو ڳوٺ بجراڻي لغاري جي ڪائونسلر نظير راز جو ننڍو ڀاءُ منير لغاري ڪجھه عرصو ڦڦڙن جي بيماري ۾ مبتلا ھجڻ بعد فوت ٿي ويو. ان سلسلي ۾ ڳوٺ جي رھواسي محمود لغاري ٻڌايو ته منير لغاري ڳوٺ کان شھر تائين موٽرسائيڪل ڪرائي تي ھلائيندو ھو، واقعي کانپوءِ روزگار ھو ۽ ڪجھه وقت کان ڦڦڙن جي مرض ۾ مبتلا ھو، جڏھن ته اسان وٽ مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳي جتي موجود ڊاڪٽر جي چيڪ اپ ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته ھي ننڊ جون گوريون کائيندڙ آهي، وڌيڪ گوريون کائڻ سبب ڦڦڙن جي تڪليف سبب سندس موت واقع ٿيو آھي.