دلچسپ ۽ عجيبقومي خبرون

ٻهراڙي جا ماڻهو صديون پراڻين روايتن کي قائم رکي ويٺا آهن: شهباز

اسلام آباد وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻهراڙي آباديءَ جي ترقيءَ جي عالمي ڏينهن تي جاري پيغام ۾ چيو آهي ته اڄ اسين پوري دنيا سان گڏجي “ٻهراڙي جي آباديءَ جي ترقيءَ جو عالمي ڏينهن” ملهائي رهيا آهيون، اڄوڪي ڏينهن اسين ملڪ جي ترقيءَ ۾ پنهنجي ٻهراڙيءَ جي آباديءَ جي ڪردار کي تسليم ڪريون ٿا ۽ انهن علائقن جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ پنهنجي عزم جو ٻيهر اظهار ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪستان جي لڳ ڀڳ ٻه ڀاڳي ٽي آبادي ٻهراڙيءَ ۾ رهي ٿي، جيڪا زراعت سان وابسته آهن، ٻهراڙيءَ ۾ رهندڙ ماڻهو اڃا تائين اسان جي صدين پراڻين روايتن، گڏجي رهڻ، سهپ ۽ همدردي کي قائم رکيو ويٺا آهن، وزيراعظم چيو ته اسان زراعت، تعليم، صحت، انفراسٽرڪچر، هنر جي تربيت، ۽ ماحولياتي پائيداري ۾ سيڙپڪاري جي ذريعي ٻهراڙيءَ جي معيشت کي تبديل ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، ٻهراڙيءَ ۾ روڊن جي نيٽ ورڪ کي وڌائڻ، صاف پاڻي ۽ صفائيءَ تائين رسائيءَ کي بهتر بڻائڻ، عورتن کي بااختيار بڻائڻ، ۽ موسم سان موافق زراعت کي فروغ ڏيڻ جي شعبن ۾ اهم اڳڀرائي حاصل ٿي آهي.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button