انتظامي نااهلي: ڊٺل عمارت پراسرار نموني 3 مان 6 ماڙ ٿي وئي: پينٽ هائوس به تعمير ٿيو

ڪراچي: لياري ۾ ڊٺل عمارت پراسرار نموني 3 مان 6 ماڙ ٿي وئي، 6 ماڙ تي پينٽ هائوس تعمير ڪيو ويو: ضلعي انتظاميا، بلڊنگ ڪنٽرول خاموش ان ڏس ۾ مليل دستاويزن موجب 1974ع ۾ اڏيل بدنصيب عمارت 2022ع تائين 3 ماڙ هئي. 2022ع ۾ ٽي ماڙ عمارت کي خطرناڪ قرار ڏنو ويو . ان ڏس ۾ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو چوڻ آهي ته عمارت جي ٽئين ماڙ کي ڊاهي بنياد (پيڙهه) جي مرمت لاءِ چيو ويو هو، عمارت جي لائسنس يافته انجنيئر جي سربراهي ۾ مرمت ڪرائڻ لاءِ چيو ويو هو، عمارت جي مالڪ پاران ٽئين منزل کي ڊاهڻ بدران وڌيڪ 2 وڌيڪ منزلون ٺاهيون ويون. ڇت تي وري پينٽ هائوس تعمير ڪرايو ويو، دستاويزن ۾ 2025ع تائين عمارت کي 3 ماڙ ڏيکاريو ويو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايس بي سي اي جي وجيلنس ڪاميٽي 2 فلورز ۽ پينٽ هائوس جي غير قانوني تعمير خلاف ڪا به رپورٽ داخل نه ڏني. ڪمزور بنيادن واري عمارت 6 ماڙن جو بار سهي نه سگهي ۽ پٽ پئجي وئي.