بلڊنگ ڪنٽرول جو سسٽم اڄ به متحده جي ماتحت آهي: سنڌ سرڪار

ڪراچي سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڀتي ۽ غيرقانوني اڏاوتن جي ذميوار ايم ڪيو ايم آهي. سال 2000ع کان وٺي شهر ۾ غيرقانوني پورشن اڏجڻ شروع ٿيا. هڪ بيان ۾ هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي سيڪٽرن ۽ يونٽن ذريعي غيرقانوني اڏاوتون ڪرايون ويون، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ هن وقت به سسٽم ايم ڪيو ايم جي ماتحت هلي ٿو، هن چيو ته ڪراچي ۾ قانوني ڪم ڪندڙ بلڊرن کي ڀتي جون پرچيون ڏئي ڀڄايو ويو، هن چيو ته ايم ڪيو ايم ڇو ڀُلجي وڃي ٿي ته چائنا ڪٽنگ جي ذميوار به ايم ڪيو ايم پاڻ ئي آهي. ايم ڪيو ايم وارا واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙهي همدردي حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، علي خورشيدي ٻڌائي ته هن ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائين زيرو سامهون پارڪ جي پلاٽ تي اڏيل غيرقانوني عمارت کي ڊاهڻ لاءِ درخواست ڇو ناهي ڏني ؟ هن چيو ته اڄ به ايم ڪيو ايم جا ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز غيرقانوني اڏاوتن جي سرپرستي ڪن ٿا.