دلچسپ ۽ عجيبسنڌ جون خبرونقومي خبرون
شڪارپور شڪارپور جي سنڌ واھ ۾ وھنجندي ٻہ نوجوان سڳا ڀائر ٻڏي فوت ٿي ويا

شڪارپور شڪارپور جي سنڌ واھ ۾ وھنجندي ٻہ نوجوان سڳا ڀائر ٻڏي فوت ٿي ويا جن جي سڃاڻپ علي رضا ۽ خير محمد ولد مير محمد سنجراڻي طور ڪئي وئي,جيڪي پلازہ سيئنيما بسم اللہ چوڪ جا رھواسي ٻڌائين پيا رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو تہ ٻئي نوجوان سڳا ڀائر آھن جيڪي سنڌ واھ ۾ دوستن سان گڏجي وھنجڻ آيا ھئا ۽ پاڻي جو زور گھڻو ھجڻ سبب ٻئي ڄڻا ٻڏي ويا ڪافي ڳولا بعد مقتولن جا مڙھ سنڌ واھ مان ٻاھر ڪڍيا ويا, مقتولن جا لاش ضروري ڪاروائين لاء سول اسپتال شڪارپور منتقل ڪيا ويا جتان کيس لاش وارثن حوالي ڪيا ويندا, مقتولن نوجوانن جي فوت ٿيڻ جي اطلاع تي سندس گھر ۾ ڪھرام مچي ويو.