سنڌ جون خبرونقومي خبرون

مٽياري ۾ هفتو اڳ گم ٿي ويل ڳوٺاڻي جو فصل مان لاش هٿ، قتل جو شڪ

مٽياري هڪ هفتو اڳ پراسرار نموني گم ٿيل  ڇٽو کوسو جو لاش هٿ. وارثن پاران قتل جو شڪ ظاهر. مٽياري لڳ ڳوٺ سيکاٽ ڀرسان اڌڙوٽ شخص جو لاش ڪيلن جي فصل مان هٿ، پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي، ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب. گذريل ڏينهن مٽياري لڳ ڳوٺ سيکاٽ ڀرسان ڪيلي جي فصل ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جي اطلاع تي سيکاٽ پوليس پهچي اڌڙوٽ شخص جو ڪيلي جي فصل مان لاش هٿ ڪري تعلقا اسپتال مٽياري پهچايو جتي لاش جي سڃاڻپ مٽياري لڳ ڳوٺ پير بخش کوسو واسي ڇٽو کوسو طور ٿي، وارثن ۾ ڀاء ليمون کوسو جو چوڻ هو ته هڪ هفتو اڳ مٽياري مان پنهنجي ڳوٺ واپس وڃڻ دوران ڇٽو کوسو گم ٿي ويو هو جنھن جي رپورٽ مٽياري ٿاڻي تي داخل ڪرائي هئي اڄ ان جو لاش ڳوٺ سيکاٽ ڀرسان ڪيلي جي فصل مان هٿ آيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته اسان کي شڪ آهي ته ڀاء وٽ سٺ هزار هئا اهي ڦر ڪري کيس قتل ڪيو ويو آهي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ڪيس داخل ڪرايو ويندو، هوڏانهن پوليس جو چوڻ هو ته لاش ڳريل حالت ۾ هو ڪو تشدد جو نشان به نه آهي، ٻئي پاسي پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر جو چوڻ هو ته رپورٽ اچڻ بعد ئي ڪجھ ٻڌائي سگهبو، هوڏانهن ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button