دلچسپ ۽ عجيبسنڌ جون خبرونقومي خبرون

سيوهڻ ۾ موئن جو دڙو ايڪسپريس مان مغوي ٻارڙو بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ، عورت سميت 4 شڪي گرفتار

کاڻوٺ کاڻوٺ پوليس جي ريلوي اسٽيشن وٽان سيوھن مان مبينا طور اغوا ٿيل ٻار کي ريل موئن جو دڙو ايڪسپريس ريل گاڏي مان بازياب ڪرائڻ جي دعوا، ھڪ عورت سميت چئن ڄڻن کي اغوا جي شڪ ۾ گرفتار ڪري ورتو، کاڻوٺ لڳ ريلوي اسٽيشن وٽ دادو مان ڪوٽڙي طرف ويندڙ موئن جو دڙو ريل گاڏي بيٺي ته بوڪي ۾ ويٺل ماڻهن جي ھجوم ھڪ گروھ کي ٻار اغوا ڪرڻ جو شڪ ظاھر ڪندي کاڻوٺ پوليس کي اطلاع ڏنو جنهن بعد کاڻوٺ پوليس پھچي لاڙڪاڻو واسي 10 ورھين جي نينگر وقاص ابڙو کي بازياب ڪرايو ۽ ساڻس ھڪ عورت سميت چئن ڄڻن محمد علي ملاح، عورت فاطما عامر شر ۽ محمد سليم شر کي گرفتار ڪيو، پوليس پاران بازياب ڪرايل ٻار ٻڌايو ته محمد علي مونکي ڪراچي طرف وارثن وٽ وٺي ھلڻ جو چئي وٺي پئي آيو، مان گاڏي ۾ رنو پئي ته ويٺل ماڻهن مونکان پڇاءِ ڪئي مان هنن کي سڃاڻا به نٿو مونکي مائٽن جي حوالي ڪرڻ بهاني وٺيو پئي ويا، ٻي طرف ايس ايچ او کاڻوٺ نظام شيخ جو چوڻ ھو ته ٻار جي اغوا جي شڪ جو اطلاع  مليو ته بروقت ڪارروائي ڪري ٻار کي بازياب ڪرائي ھڪ عورت سميت چئن ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي ٻار ۽ گرفتار ٿيلن کان پڇا ڳاڇا ھلي پئي، اغوا ڪندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪبو.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button