دلچسپ ۽ عجيبسنڌ جون خبرونقومي خبرون

شهدادپور ۾ ٻارن ۾ جهيڙو، 13 ورهين جو نينگر ڳلو ڪپي قتل، جوابدار فرار

شهدادپورشهدادپور ۾ ٻارن ۾ جهيڙو، 13 ورهين جو نينگر ڳلو ڪپي قتل، جوابدار فرار، ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب شهر جي هنڱورا روڊ تي واقع جمال نگر ڪالوني ۾ شاهي ۽ مگسي برادري جي ننڍي عمر جي ٻارن ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ جوابدار خنجر هڻي 13 ورهين جي نينگر ذاڪر پٽ ٺارو شاھي کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي کي سِمس اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هن دم ڏئي ڇڏيو، ان سلسلي ۾ مقتول نينگر جي ڀاءُ رمضان شاھي موجب پاڙي ۾ رهندڙ 14 ورهين جي بابا پٽ غلام نبي مگسي سندس ڀاءُ کي خنجر ھڻي قتل ڪيو، هن ٻڌايو ته جوابدار طرفان ڀاءُ کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي هئي، جنهن بعد جوابدار جي وارثن کي دانهن ڏني، ان باوجود هنن پٽ کي نه روڪيو ويو، ٻئي طرف پوليس مڙھ تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس موجب جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪاروائي جاري آهي، واقعي جي گهڻ رُخي جاچ ڪئي پئي وڃي.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button