اوٻاوڙي اسپتال ۾ معصوم ٻارڙي فوت، غلط انجيڪشن لڳائڻ جو الزام، 10 ڪلاڪ ڌرڻا

اوٻاوڙو اوٻاوڙو سرڪاري اسپتال ۾ 5 سالا ٻارڙي فوت، وارثن جو اسپتال عملي تي مدي خارج انجيڪشن لڳائڻ جو الزام، لاش رکي ڌرڻو، خبر موجب سرڪاري اسپتال آندل پنج سالا معصوم ٻارڙي لاريب فاطمه آرائين تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي، وارثن الزام هنيو ته اسپتال عملي ٻارڙي کي مدي خارج انجيڪشن لڳائي، جنهن ڪري فوت ٿي آهي، ٻارڙي جي والد عامر آرائين موجب نينگري کي مدي خارج انجيڪشن لڳائي وئي ته هوءَ بيهوش ٿي وئي، مون عملي کان پڇا ڪئي ته ڪهڙي انجيڪشن لڳائي آهي، مون لڳل انجيڪشن ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسپتال عملي انجيڪشن کي ٽوڙي مروڙي اڇلائي ڇڏيو، جنهن کان پو۽ منهنجي نياڻي تڙپندي رهي مون ايمبولينس لاءِ گهر ڪئي پر اها به نه ڏني وئي، منهنجي نياڻي تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي، وارثن لاش اسپتال جي گيٽ اڳيان رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جڏهن ته انتظاميا پاران تدارڪ نه ڪرڻ تي وارثن لاش قومي شاهراهه تي رکي روڊ جا ٻئي پاسا بند ڪري ڌرڻو هنيو، 10 ڪلاڪ ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، بعد ۾ اي سي اوٻاوڙو ۽ ڊي ايس پي اوٻاوڙو مظاهرين وٽ پهچي خاطري ڪرائي، جتي ٽه رڪني ڪاميٽي جوڙي وئي، جيڪا ٽن ڏينهن اندر جاچ ڪري رپوٽ ڏيندي، جنهن بعد غفلت ثابت ٿي ته عملي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، اهڙي خاطري بعد قومي شاهراهه تان ڌرڻو ختم ڪيو ويو ۽ وارث لاش گهر کڻائي ويا.