دلچسپ ۽ عجيبسنڌ جون خبرونقومي خبرون

غوثپور ويجھو زمين تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ ويڙهاند: نوجوان قتل:2 ڄڻا زخمي

غوثپور غوثپور ويجھو ڳوٺ علي بخش اوڳاھي ۾ زميني تڪرار تان اوڳاھي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران ٻنھي ڌرين جي ھٿياربندن ھڪ ٻئي مٿان جديد ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا، فائرنگ ۾ 40 ورھين جو نوجوان بشير اوڳاھي   مارجي ويو، شفيق احمد ۽ لکمير اوڳاھي زخمي ٿي پيا، واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي، ٻنھي ڌرين جي ماڻھن مورچا سنڀالي ھڪ ٻئي مٿان وقفي وقفي سان فائرنگ ڪندا رھيا.پوليس دير سان واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مقتول جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ هو ٻئي ڌريون پاڻ ۾ ويجھا مائٽ آھن جن جو زمين جي مالڪي ۽ دنگ تان ڇڪتاڻ ڪجھه سالن کان ھلندڙ ھئي جنھن تان واقعو پيش آيو.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button