ٽنڊوآدم ۾ مبينا ڪارنهن الزام هيٺ ڏير هٿان بيواهه ڀاڄائي قتل، جوابدار فرار

ٽنڊوآدم ٽنڊوآدم ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ڏير هٿان 4 ٻارن جي ماءُ قتل، جوابدار گهر خالي ڪري فرار، ڪيس داخل نه ٿيو، رپورٽ موجب ٽنڊوآدم جي محمدي ڪالوني ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ڏير ڪامران راجپوت پنهنجي بيواهه ڀاڄائي 4 ٻارن جي ماءُ 40 ورهين جي مسمات ثمينا جٽ زال ڪبير علي راجپوت کي پسٽل جون گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد لاش گهر ۾ڇڏي پنهنجي ٻن ڀائرن ۽ گهرڀاتين سميت گهر خالي ڪري فرار ٿي ويو، ناري جو لاش 4 ڪلاڪن تائين واقعي واري هنڌ پيل رهيو، پاڙيوارن جي اطلاع تي سٽي پوليس پهچي لاش کڻائي تعلقه اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش مقتولا جي ڀاءُ حبيب جٽ حوالي ڪيو ويو، جيڪو حيدرآباد کڻائي ويو، چوٻول آھن ته مقتولڻ جو مڙس ڪبير راجپوت هڪ سال اڳ کجين جي مزدوري ڪرڻ دوران خيرپور ۾ قتل ٿي ويو هو، ساهرن کي مقتولا مٿان شڪ هو ته هن مڙس کي قتل ڪرايو آھي، ذريعن مان معلوم ٿيو آھي ته مقتولا جو ڏير ڪامران راجپوت گهر جو سامان کڻي اچڻ جو بهانو بڻائي کيس ٽنڊو آدم وٺي آيو ۽ ڪارنهن جي تهمت هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو، هوڏانهن ايس ايچ او سٽي ٻڌايو ته جوابدار ڌر قتل کي ڪارنهن الزام پئي ڄاڻائي پر ابتدائي جاچ مان معلوم ٿيو آھي اصل معاملو پئسن جي ڏيتي ڏيتي جو آھي، هن ٻڌايو ته مقتولا جو مڙس ڪبير راجپوت هڪ سال اڳ خيرپور ۾ قتل ٿي ويو هو جنهن جي راڄوڻي نبيري ۾ قتل جي چٽي طور 40 لک رپيا مقتول ڌر کي مليا، جيڪي ڦٻائڻ لاءِ جوابدار بيواھ عورت کي قتل ڪيو آھي، وڌيڪ جاچ ڪنداسين ته اصل حقيقت ڇا آھي، هن چيو ته ڪيس مقتولا جي ڀاءُ جي فرياد تي داخل ڪنداسين.