دلچسپ ۽ عجيبسنڌ جون خبرونقومي خبرون

دوڙ مال پڙي ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، نوجوان قتل، 2 واٽهڙو زخمي

دوڙ  دوڙ مال پڙي ۾ هٿياربندن پراڻي تڪرار تان فائرنگ ڪري ڀريا روڊ واسي نوجوان واپاري کي قتل ڪري ڇڏيو، گوليون لڳڻ سبب 2 واٽهڙو زخمي، تفصيل موجب مال پڙي ۾ صبح جو 10 لڳي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو غلام محمد بروهي موقعي تي مارجي ويو، جڏهن ته 2 واٽهڙو ماجد ڏاهري ۽ گهنور لاشاري زخمي ٿي پيا، واقعي کانپوءِ مال پڙي ۾ ڀاڄ پئجي وئي، اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش ۽ زخمين کي دوڙ اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول جي وارثن ٻڌايو ته سندس برادري جي ماڻهن سان پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، جنهن تان هٿياربندن نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪيو، پ پ ضلعي صدر صالم زرداري، ظفر زرداري دوڙ اسپتال پهتا، جن مقتول جي وارثن سان ڏک جو اظهار ڪيو، ميڊيا سان ڳالهائيندي هنن چيو ته ايس ايس پي شھيد بينظير آباد فوري طور تي نوٽيس وٺي وارثن سان انصاف ڪري، وارثن سان هن ڏک جي گهڙيءَ ۾ برابر جا شريڪ آهيون، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button