دادو: قاضي احمد جي پرڻيل ناري جو ساهرن خلاف پريس ڪلب ۾ احتجاج، الڳ گهر ۽ تحفظ جو مطالبو

دادو قاضي احمد ۾ پرڻيل ناري پنهنجي ساهرن جي ظلمن خلاف دادو پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي ميڊيا آڏو دانهو ڪيو آهي ته هوءَ ساهرن جي ماڻهن کان تنگ ٿي پنهنجي ماءُ پيءُ جي گهر، دادو سورج آباد پاڙي ۾ اچي رهي آهي ناري ٻڌايو ته پنج مهينا اڳ سندس شادي الطاف بالادي سان ٿي هئي، جڏهن ته سندس نڻان نرما، ڏير گل ۽ مهتاب بالادي مٿس گهر اندر تشدد ڪن ٿا ۽ کيس والدين سان فون تي به ڳالهائڻ نه ڏين ٿا هن مطالبو ڪيو ته کيس سندس مڙس الڳ گهر وٺي ڏئي، سندس مينهن ۽ ٻڪري واپس ڪرائي وڃي، ڇو ته ساهرا سندس مڙس کي به ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. ناري چيو ته هوءَ پنهنجي مڙس سان گڏ رهڻ چاهي ٿي پر سھري صادق بالادي جي گهر ۾ نه رهندي، کيس پنهنجي جان جو به خطرو آهي ٻئي پاسي ناري جي والد غلام سرور جويو، نياڻي سان ٿيندڙ ظلم خلاف ايس ايس پي دادو کي مخالفن صادق، گل، مهتاب بالادي، نرما بالادي ۽ محمد قاسم جويو خلاف قانوني ڪارروائي لاءِ لکت ۾ درخواست ڏئي ڇڏي آهي هن ايس ايس پي نوابشاهه، ڊي آءِ جي نوابشاهه ۽ ايس ايڇ او قاضي احمد کان مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.