دلچسپ ۽ عجيبقومي خبرون

پ پ ۽ ن ليگ اڳواڻ اٽڪي پيا: خيرات واري اڪثريت تي آڪڙ نه ڏيکاريو، حڪومت ڪيرائي سگهون ٿا: نبيل گبول

اسلام آباد  قومي اسيمبلي جي ميمبر پ پ اڳواڻ نبيل گبول مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري ۽ ڪيپيٽل ڊويلپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين جي رويي تي قومي اسيمبلي جي گهرو معاملن بابت اسٽيڊنگ ڪاميٽي جي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو ۽ حڪومت ڪيرائڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي. نبيل گبول چيو ته طلال چوڌري ۽ چيئرمين سي ڊي اي جو لهجو تمام تلخ آهي، لڳي ٿو ته اهي مغرور ٿي ويا آهن، اسان اڳ به توهان جي حڪومت ڪيرائي هئي، هاڻي به ائين ڪري سگهون ٿا. قومي اسيمبلي جي گهرو معاملن بابت اسٽيڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس خرم نواز جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ نبيل گبول مملڪتي گهرو وزير ۽ سي ڊي اي چيئرمين جي رويي تي احتجاج ڪيو. ڪاميٽي چيئرمين ۽ ٻيا ميمبر نبيل گبول کي روڪيندا رهيا، اجلاس دوران طلال چوڌري ۽ شازيه مري وچ ۾ جملي بازي ٿي. شازيه مري چيو ته قومي اسيمبلي جي گهرو معاملن بات ڪاميٽي جي اجلاس ۾ سي ڊي اي جي عمارتن ۾ معذور ماڻهن جي رسائي بابت سهولت نه هجڻ جي حوالي سان بل پيش ڪيو ويو، ملڪ ۾ 10 سيڪڙو ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي جسماني چئلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهن، سي ڊي اي جي عمارتن ۾ سڀني لاءِ آسان رسائي کي يقيني بڻائڻ جي ڳالهه ٿي. آئين جي مطابق قانون سازي اسان جو حق آهي. شازيه مري چيو ته وفاقي حڪومت اسان کي قانون سازي کان روڪي رهي آهي، اسان کي آئيني حق استعمال ڪرڻ تي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، قانون سازي کي روڪڻ تي تحريڪ استحقاق آڻڻ جي ڳالهه ڪئي. ان تي طلال چوڌري ڌمڪائيندي چيو ته توهان تحريڪ وٺي اچو، مان ان جي سامهون بيهندس. شازيه مري چيو ته توهان اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهيو. طلال چوڌري جواب ڏنو ته ڌمڪي ته اوهان ڏئي رهيا آهيو. ڪاميٽي جي ميمبر رفيع الله آغا چيو ته اسان جي طرفان توهان انهن سان رشتيداري ڪريو، سي ڊي اي پاران پراپرٽي جي ٽرانسفر فيس ۾ اضافو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، سي ڊي اي اهو اضافو واپس وٺي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جمشيد دستي الزام لڳايو ته مظفر ڳڙهه پوليس منهنجي خلاف ٽائوٽ کي استعمال ڪري رهي آهي. طلال چوڌري چيو ته جمشيد دستي جو وڊيو بيان هتي هلايون ۽ پوءِ ڪاميٽي فيصلو ڪري، جيڪڏهن ڪنهن کي سنگسار ڪرڻ جي فتويٰ ڏيڻ جي اجازت آهي ته پوءِ سڀني کي اجازت ڏني وڃي. جمشيد دستي چيو ته طلال چوڌري جي به وڊيو موجود آهي، انهن خلاف به ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي.

لاڳاپيل مضمون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button