دلچسپ ۽ عجيبعالمي
24 ڪلاڪن ۾ 2 ملاقاتون، ٽرمپ -نيتن ياهو ڳالهين جي پڌرائي جاري نه ٿي

واشنگٽن اسرائيلي وزيراعظم جي آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان وائيٽ هائوس ۾ ٻن ڏينهن اندر ٻي ملاقات ٿي، غزه جنگبندي بابت هن ملاقات ۾ به ڪو اعلان نه ٿيو نه ئي وري ڳالهين جي ڪا پڌرائي جاري ڪئي وئي. 90 منت ملاقات دوران وائيٽ هائوس يا اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس مان ڪو بيان جاري نه ڪيو ويو. ملاقات ختم ٿيڻ تي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ميڊيا سان ڳالهائڻ بنا وائٽ هائوس مان روانو ٿي ويو.